سولنگي غلام مصطفي1

سولنگي غلام مصطفي1

غلام مصطفي سولنگي 1

سولنگي، غلام مصطفي1: نوجوان اديب، شاعر ۽ صحافي غلام مصطفيٰ سولنگي ولد احمد خان سولنگي، 8 مارچ 1976ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ڳهيلا ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ورتائين. انٽر ڊگري ڪاليج سيوهڻ مان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان گرئجوئيشن ڪيائين. غلام مصطفيٰ سولنگي لکڻ جي شروعات 1988ع ۾ ٻاراڻي ادب کان ڪئي. هن جي پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي ’ناني نوران جي آکاڻي‘ گل ڦل ۾ ڇپي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت کان ڪئي. روزاني هلچل، روزاني سنڌ، روزاني تعمير سنڌ، روزاني ڪاوش، روزاني عبرت، روزاني فيصلو ۽ ٻين اخبارن ۾ سب ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ اسٽاف رپورٽر رهي چڪو آهي. ڪن اخبارن ۾ ’رم جهم‘ ۽ ’مکڙيون‘ نالي ٻارن جا صفحا ترتيب ڏنائين. ڀان سعيدآباد مان ٻارڙن جا رسالا ’ڪنول‘ ۽ ’ٻارڙن جي ٻاري‘ جاري ڪيائين. ريڊيو پبليڪيشن ۽ ادب پبليڪيشن ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو. مهراڻ ٽي وي تي صحافي ۽ اينڪر جي حيثيت ۾ ڪيترا پروگرام ڪيائين. هن پي. ٽي. ويءَ تي عزيز ڪنگراڻيءَ جي ڊرامي ’ڪونج‘ سميت ڪيترن ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي آهي. هن وقت تائين هن جا 5 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) درد جي موسم (شاعري: 2001ع)، (2) ’سنڌيءَ ۾ ٻارن جي شاعريءَ جي ائنٿالاجي‘ (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي: 2007ع)، (3) ’اسيمبليءَ جو راڳ‘ (محمد صديق مسافر جي شاعري)، (4) مزاحيه تبصرن تي مشتمل ڪتاب ’چئبو سچ‘ (2012ع)، (5) ’منهنجو شهزادو سمهي رهيو‘.(6) دانهون مهنجي ديس جون (ڪالم: 2013)‘. ادبي، صحافتي ۽ فني دنيا ۾ سندس خدمتن تي کيس ڪيترا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. غلام مصطفيٰ سولنگي ’ينگ رائياٽرس فورم،سنڌ‘ جو چايرمين آهي، هن تنظيم پاران ادبي پروگرام ۽ اوارڊ تقريبون ڪرائيندو رهي ٿو. هي مهراڻ ٽي. وي گروپ جي روزاني اخبار ’آسرو‘ جو پهريون ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. هن وقت اردو ٽي. وي چئنل ’سچ ٽي. وي‘ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف آهي. ان کانسواءِ ’سنڌ راڻي‘ مئگزين ، ماهوار ’اڳواڻ‘ مئگزين جو چيف ايڊيٽر ۽ ’سنڌ آئي‘ مئگزين جو ايڊيٽر به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.03.08  عيسوي

نوجوان اديب، شاعر ۽ صحافي غلام مصطفيٰ سولنگي ولد احمد خان سولنگي، 8 مارچ 1976ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ ڳهيلا ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاعر
دائم فقير
حيدر شاهه سيد
گل محمد رند
اوڌو داس وشنداس ڀارواڻي
سيد حافظ شاهه حافظ حسيني
خواجه غلام فريد
حبدار سولنگي
سرمد چانڊيو
ٻڍل لاشاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون